امين راهي گويو

امين راهي، گويو: شڪارپور جو رهواسي استاد امين راهي، ڪافي عرصو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ سان وابسته رهيو. شروع ۾ ڪلاسيڪي موسيقي، غزل ۽ ڪافي ڳائيندو رهيو، اُن کان پوءِ سنڌي موسيقيءَ جي شعبي ۾ ميوزڪ ڪمپوزر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. ڪراچيءَ ۾ کانئس ڪيترائي شاگرد موسيقيءَ جي سکيا حاصل ڪري چڪا آهن. هن 1990ع ۾ صحت خراب هئڻ جي باوجود به شڪارپور ۾ رهندي، سنگيت جي سکيا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو. 1994ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو